استاد دين محمد خان جيڻو

استاد دين محمد خان جيڻو

استاد دين محمد خان جيڻو

استاد دين محمد خان جيڻو: مشهور موسيقار استاد دين محمد خان ولد استاد خميسي خان جيڻي جو تعلق شاهه لطيف جي دؤر جي گائڪن آنٽل خان ۽ چئنچل جي گهراڻي سان هو. استاد دين محمد خان جو جنم 1938ع ۾ ڳوٺ گينسنگهه ٺڪر (مَئُو)، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جي رڄواڙي جي مڱڻهار خميسي خان جيڻي جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ ننڍيءَ ڄمار کان ئي تمام گهڻو سُريلو گائڪ هو. استاد خير محمد خان جو شاگرد هو. پاڻ 1963ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي راڳين ۾ هڪ ڪامپيٽيشن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ اُستاد جمن خان، امين شاهه، جيجي زرينه بلوچ ۽ ڪجهه ٻين راڳين حصو ورتو، ان مقابلي ۾ اُستاد دين محمد خان کي پنهنجي نئين تخليق ‘همرچو’ ڳائڻ تي فرسٽ ايوارڊ، هڪ ريڊيو ۽ تانبورو مليو هو. استاد دين محمد جا ريڊيو تي ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا، جن ۾ ‘همرچو’، ‘پنڌ پري منزل ڏور’ (سيد مهري شاهه جا ٻول)، ‘بِرهه بادشاهه جا ڌايا ڌڄي ويا’ (منٺار فقير راڄڙ جا ٻول) مشهور ٿيا. اُستاد دين محمد خان ريڊيو کان سواءِ پي. ٽي. وي ۽ هندسان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. منٺار فقير راڄڙ، صوفي صادق فقير، عارب شاهه بخاري (ميرپورخاص)، جمال شاهه بخاري (حيدرآباد)، تاج محمد شاهه ‘طريل’ تي راڳ جون يادگار محفلون مچائيندو هو. 1977ع ۾ ميرپورخاص شهر جي ڀان سنگهه آباد پاڙي ۾ گهر اڏي ويٺو ۽ پنهنجي اُستاد خان صاحب حاجي خير محمد خان جي وفات کانپوءِ حيدرآباد کي ڇڏي ميرپورخاص ۾ رهڻ لڳو.
استاد دين محمد خان، 1 مارچ 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ لياقت علي جيڻو راڳي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو